Mysticism & Universe

Views:
 
Category: Education
     
 

Presentation Description

Who says that we are alone in this universe? Watch the wonderland in this video. I have tried to translate the slides in Sindhi language for better understanding. Please feed back me if you liked it. Visit at my www.allinsurancesinfo.com and feed back me. Thanks

Comments

Presentation Transcript

Slide 1:

. زوم ڏهه انگن جي طاقت پتڪڙائپ کان وسعت جو سفر

Slide 2:

هي اهو سفر آهي جنهن ۾ ڏهن کي ڏهن سان ضرب يا ونڊ ڪري مٿي ۽ ڪائنات جي ڪک ۾ اندر مشاهدو ڪنداسين! اسان پهريون شروعات ۾ ڏهه انگ جو ايڪو ٺيڪ هڪ ميٽر سان ڀيٽينداسين. ۽ پو۽ ٻيو انگ ڏهه کي ڏهن سان ضرب ڏيندا اڳتي وڌنداسين. اهڙي نموني سان اسان ڪائنات ۾ ڌرتيءِ کان مٿي سفر جي تياري ڪنداسين. انت ۾ وري اسان ان ئي نقطي وٽ ٻيهر واپس موٽي اچي بيهي اندر طرف پنهنجي سفر جي ابتي شروعات ڪنداسين. جنهن ۾ وري ڏهن کي ڏهن سان ونڊ ڪندا اندر داخل ٿيندا وينداسين. ان سفر ۾ اوهان باريڪيءَ سان مشاهدو ڪريو ته اسان انسان هن ڌرتيءَ تي ڇا آهيون، ۽ اسان جي جسماني ماهيت ڇا آهي!

Slide 3:

ته بسم الله

Slide 4:

باغ ۾ پنن کان مٿي جو مفاصلو 10 0 1 ميٽر

Slide 5:

مٿي سفر جي شروعات .... اسان هاڻي ٻوٽن جا جھڳٽا ڏسي سگھون ٿا 10 1 10 ميٽر

Slide 6:

هتان اسان پوري باغ جي حدن کي ۽ آسپاس کي پروڙي سگھون ٿا 10 2 100 ميٽر

Slide 7:

هاڻي اسان ميٽرن کي اڪاري ڪلوميٽرن ۾ داخل ٿي ويا آهيون هن مفاصلي تان عام طور تي پيرا شوٽ ذريعي ٽپو ڏبو آهي 10 3 1 ڪلوميٽر

Slide 8:

هتان اسان پوري شهر کي ته ڏسي سگھون ٿا پر ڪنهن خاص گھر کي سمجھي نه سگھنداسين 10 4 10 ڪلوميٽر

Slide 9:

هن اونچائيءَ تان امريڪي رياست فلوريڊا کي پورو ڏسي سگھجي ٿو 10 5 100 ڪلوميٽر

Slide 10:

سيٽلائيٽ تان جھٽيل هڪ خوبصورت منظر 10 6 1000 ڪلوميٽر

Slide 11:

پوريءَ ڌرتي جو اتريون ڦاڪ ۽ ڏکڻ امريڪا جا منظر 10 7 10000 ڪ م

Slide 12:

ڌرتي هڪ رنگ رنگيلي بال جيان 10 8 100000 ڪ م

Slide 13:

ڌرتي ۽ ان جي ٻاهريان چنڊ جو مدار 10 9 1 ملين ڪ م

Slide 14:

نيراڻ ۾ ڌرتيءَ جي مدار جو هڪ حصو 10 10 1 ڪروڙ ڪ م

Slide 15:

10 11 1 سئو ملين ڪ م زهره ۽ ڌرتيءَ جا مدار

Slide 16:

عطارد، زهره ڌرتيءَ، مريخ ۽ مشتريءَ جا مدار 10 12 1 بلين ڪلوميٽر

Slide 17:

هن اونچائيءَ تان اسان کي هن سورج منڊل جي سڀني گرهن جا مدار ڏسڻ ۾ ايندا 10 13 10 بلين ڪلوميٽر

Slide 18:

10 14 1 سئو بلين ڪلوميٽر هتي سورج منڊل خود ننڍڙو محسوس ٿئي ٿو

Slide 19:

پاڻ وارو سج هتي لکين تارن جي هجوم ۾ هڪ ستارو ئي آهي 10 15 1 ٽرلين ڪلوميٽر

Slide 20:

هن مفاصلي تي سج تارن ۾ هڪ تارو 10 16 هڪ نوري ورهيه

Slide 21:

هتان ڇا پرکي سگھجي ٿو؟ سواءِ لا محدوديت جي! 10 17 10 نوري سال

Slide 22:

“ ڪجھ به نه ” بس ستارا ۽ ڪهڪشائون 10 18 هڪ سئو نوري سال

Slide 23:

10 19 هڪ هزار نوري سال هن مفاصلي تائين اسان سراٽ واٽ گذاري ٻيون به ڪهڪشائون پسي سگھون ٿا

Slide 24:

اسان جو سفر ڪهڪشائن ۾ جاري آهي 10 20 ڏه هزار نوري سال

Slide 25:

اسان پنهنجي ڪهڪشان جي مڪمل مدار کان هاڻي نڪري رهيا آهيون 10 21 هڪ لک نوري سال

Slide 26:

هن خوبصورت منظر کي ڏسو، جنهن ۾ پاڻ کي پنهنجي ڪهڪشان ۽ ٻيون انيڪ ڪهڪشائون نظر اچن ٿيون 10 22 1 ملين نوري سال

Slide 27:

هن مفاصلي تان اسان کي تمام ڪهڪشائون ننڍڙن ستارن وانگر نظر اچي رهيون آهن. اهڙو ئي منظر هر پاسي کان ملندو، جيڪو اسان پسي رهيا آهيون اسان اڳتي به سفر ڪري سگھون ٿا پر صرف تصور ۾، هاڻي پاڻ کي واپس موٽڻو پوندو جتان پاڻ پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي هئي 10 23 – ڏهه ملين نوري سال

Slide 28:

10 22

Slide 29:

10 21

Slide 30:

10 20

Slide 31:

10 19

Slide 32:

10 18

Slide 33:

10 17

Slide 34:

10 16

Slide 35:

10 15

Slide 36:

10 14

Slide 37:

10 13

Slide 38:

10 12

Slide 39:

10 11

Slide 40:

10 10

Slide 41:

10 9

Slide 42:

10 8

Slide 43:

10 7

Slide 44:

10 6

Slide 45:

10 5

Slide 46:

10 4 سوال اهو ٿو اڀري ته اسان ڪير آهيون؟ اسان ڪيڏانهن وينداسين؟ ۽ اهو به ته اسان ڪٿان آيا هئا سين؟

Slide 47:

10 3 يا اهو به ته اسان هن ڪائنات ۾ ڇا پيش ڪرڻ چاهيون ٿا؟

Slide 48:

10 2 هن مٿاهين جي سفر ۾ اسان ڏهه انگ کي جدول ڏيئي مثي جو سفر ڪيو هئو سين

Slide 49:

10 1 هاڻي اسان فطرت جي هڪ نئين روپ کي پسڻ لاءِ اندر ابتو سفر ڪنداسين

Slide 50:

اسان پنهنجي ساڳي جڳهه تي موٽي آيا آهيون جتي اسان پنهنجي ٻانهن پڄ جيترو پرتي بيٺا هئا سين 10 0

Slide 51:

هتي اسان پنن کي چٽي طرح ڏسي سگھون ٿا 10 -1 10 سينٽي ميٽر

Slide 52:

هن مفاصلي تان اسان پن جي ريشن کي به ڳڻي سگهون ٿا 10 -2 1 سينٽي ميٽر

Slide 53:

هتي اسان پن جي تاڃي پيٽي کي پنهنجي مشاهدي ۾ پرکي سگھون ٿا 10 -3 1 ملي ميٽر

Slide 54:

هتي اسان پن جي گھرڙن کي پسي سگھون ٿا هتي اوهان انهن جي هڪجھڙائي ۽ ٻڌي پرکي سگھو ٿا 10 -4 100 مائڪران

Slide 55:

پاڻ هاڻي پن جي گھرڙي جي اندر داخل ٿي چڪا آهيون 10 -5 10 مائڪران

Slide 56:

هتي اسان پن جي گھرڙي جو نيو ڪليئس مرڪز ڏسي سگھون ٿا 10 -6 1 مائڪران

Slide 57:

هتي اوهان پن جي گھرڙي ۾ ڪروموسوم جي لڙين کي ڏسي سگھو ٿا 10 -7 1.000 اينگسٽرام

Slide 58:

هن پتڪڙي ڪائنات ۾ هتي اوهان ڊي اين اي جو مشاهدو ڪري سگھو ٿا 10 -8 100 انگسٽرام

Slide 59:

هتي اوهان کي ڪروموسوم جي جھڳٽن کي ڏسڻ جو موقعو ملي ٿو 10 -9 10 انگسٽرام

Slide 60:

اسان ڪاربان ائٽم وٽ اچي ويا آهيون. هتي اوهان کي ڪهڪشائن ۽ هنن ائٽمن جي وچ ۾ هڪ جهڙائي لڳندي 10 -10 1 انگسٽرام

Slide 61:

هن ڪائنات جي پتڪڙي منظر ۾ اوهان کي کربين کربين اليڪٽران پنهنجي پنهنجي محورن جي چو طرف دائرن ۾ ملندا 10 -11 10 پڪو ميتڙ

Slide 62:

هڪ عجيب خلا جيڪا نيو ڪليئس ۽ اليڪٽرانن جي وچ ۾ ملندي نظر ايندي 10 -12 1 پڪو ميٽر

Slide 63:

هن ڪائنات جي حسين منظر ۾ اسان ائٽمن جي نيوڪليئس کي پرکي سگھون ٿا 10 -13 100 فينٽو ميٽر

Slide 64:

هاڻي اسان هتي ڪاربان ائٽم جي نيو ڪليئس کي پنهنجي مّشاهدي ۾ آڻي سگھون ٿا 10 -14 10 فينٽو ميٽر

Slide 65:

هيءَ اها جڳهه آهي جتان سائنسي تحقيق ڇيهه ڪري ٿي. هتي اسان پروٽان جي وسعتن ۾ داخل ٿي چڪا آهيون 10 -15 1 فينٽو ميٽر

Slide 66:

هتي اوهان ڪوارڪ جي ذرڙن کي پرکي سگھو ٿا ۽ هتان کان اندر وڃڻ جي ڪابه گنجائش ناهي هتي تمام سائنسي تحقيق هڻي هنڌ ڪيو، ۽ هتي حد ختم ٿي وڃي ٿي، گھٽ ۾ گھٽ هينئر تائين !! 10 -16 100 ائٽو ميٽر

Slide 67:

۽ هاڻي...... پاڻ کان پڇون ٿا ته ڇا اسان ڪائنات جا مرڪز آهيون؟ ڇا واقعي اسان اشرف ترين خلقت آهيون؟ انهن حدن جي پويان ڪهڙو راز آهي؟ يا اهي حدون اڪري سگھجن ٿيون؟ هتي اها به ڳالهه ذهن نشين ٿيڻ کپي ته اسان صرف ڏهه عدد کي ٽيويهه ڀيرا ضرب ڏيئي مٿي، ونڊ ڪري اندر جو سفر ڪيو هئو... پر هيءَ وشال ڪائنات اڃان به وسيع آهي. ته پوءِ.....؟ اهو ڪنهن چيو ته اسان هن ڪائنات ۾ اڪيلا آهيون....؟

Slide 68:

ايڪ قَصَرُ، دَرَ لَکَ، ڪوڙين ڪَڻِسِ ڳڙکيون؛ جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهُون. (سرڪار لطيف) طالب دعا امر فياض www.amarfayaz.com www.allinsurancesinfo.com Courtesy: Dr. Pribhu Mal Makheja